پرتال پڙتال

پرَتال/ پَڙتالَ: روينيو کاتي جي اصطلاح ۾ زرعي زمين جي چڪاس، جنهن موجب معلومات وٺبي آهي ته ڪيتري زمين آباديءَ هيٺ آهي ۽ ان ۾ ڪهڙيون جنسون پوکيل آهن. گهڻو ڪري پڙتال تپيدار ۽ مختيارڪار ڪندا آهن ۽ پنهنجن پنهنجن کاتن ۾ داخلا رکندا آهن. هاڻي هي لفظ هر قسم جي جاچ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو